Ana SayfaMealler › Amroti
A

Amroti

Amroti
Amroti meali ile okumaya başla
Fecr 1 / 30
1
پرھ جو قسم آھي.
Amroti 89:1
2
۽ ڏھن راتين جو قسم آھي.
Amroti 89:2
3
۽ ٻڌيءَ ۽ اِڪئيءَ جو قسم آھي.
Amroti 89:3
4
۽ رات جو قسم آھي جڏھن ھلي.
Amroti 89:4
5
ھان ڌيان واري لاءِ ھن (قسمن) ۾ بيشڪ پورو قسم آھي.
Amroti 89:5
6
نه ڏٺئي ڇا ته (قوم) عاد سان تنھنجي پالڻھار ڪيئن ڪيو.
Amroti 89:6
7
(جي) ارم وارا وڏن ٿنڀن (جي عمارتن) وارا ھوا.
Amroti 89:7
8
جن جھڙو شھرن ۾ ڪونه بڻايو ويو آھي.
Amroti 89:8
9
۽ (قوم) ثمُود سان (ڪيئن ڪيائين) جن ميدان (قرٰا) ۾ پھڻن جون ڇپون گھڙيون ھيون.
Amroti 89:9
10
۽ ميخن واري فرعون سان (ڪئن ڪيائين).
Amroti 89:10
11
انھن (مڙني ٽولين) جن شھرن ۾ سرڪشي ڪئي.
Amroti 89:11
12
پوءِ منجھن گھڻو فساد ڪيائون.
Amroti 89:12
13
تنھنڪري تنھنجي پالڻھار مٿن عذاب جو چھبڪ وھايو.
Amroti 89:13
14
بيشڪ تنھنجو پالڻھار گھَٽَ (واري ھنڌ) ۾ (عملن کي ڏسندڙ) آھي.
Amroti 89:14
15
پوءِ ماڻھو کي جڏھن سندس پالڻھار (ھن طرح) پرکيندو آھي جو اُن کي مانوارو ڪندو آھي ۽ نعمت ڏيندو اٿس، ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي نوازيو.
Amroti 89:15
16
۽ جڏھن کيس (ٻئي طرح ھيئن) پرکيندو آھي جو مٿس روزي تنگ ڪندو آھي ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي بي مانو ڪيو.
Amroti 89:16
17
(ھرگز) ائين نه آھي بلڪ ڇوري ٻار کي تعظيم نه ڏيندا آھيو.
Amroti 89:17
18
۽ نڪي مسڪينن جي کارائڻ تي ھڪ ٻئي کي رغبت ڏياريندا آھيو.
Amroti 89:18
19
۽ مُئن جو مال سموروئي ڳھي ويندا آھيو.
Amroti 89:19
20
۽ گھڻي پيار سان مال کي پيارو رکندا آھيو.
Amroti 89:20
21
ائين نه ڪجي جڏھن زمين (جي اونچاڻ) ڪٽي ڪٽي سنئين ڪئي ويندي.
Amroti 89:21
22
۽ تنھنجو پالڻھار ايندو ۽ ملائڪ صِف صِف ٿي (ايندا).
Amroti 89:22
23
۽ اُن ڏينھن دوزخ کي آڻبو، اُن ڏينھن ماڻھو نصيحت وٺندو ۽ اُنھيءَ مھل (اھا نصيحت وٺڻ) اُن کي ڪٿي فائدي واري آھي.
Amroti 89:23
24
چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر پنھنجي (ھن ھميشه جي) حياتيءَ لاءَ (ڪجھ) اڳي موڪليان ھا.
Amroti 89:24
25
پوءِ انھيءَ ڏينھن الله جي عذاب جھڙو ڪوبه ڪونه عذاب ڪندو.
Amroti 89:25
26
۽ نڪو ڪو الله جي قيد ڪرڻ جھڙو قيد ڪندو.
Amroti 89:26
27
(مؤمنن کي چئبو ته) اي آرام وٺڻ وارا جيءُ.
Amroti 89:27
28
تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽِ ھل (تون اُن کان) راضي ٿيل آھين (ھو توکان) راضي ٿيل آھي.
Amroti 89:28
29
تنھنڪري (تون) منھنجي ٻانھن (جي ٽوليءَ) ۾ داخل ٿيءُ.
Amroti 89:29
30
۽ منھنجي بھشت ۾ گِھڙ.
Amroti 89:30
Fecr suresi tamamlandı