Ana SayfaMealler › Amroti
A

Amroti

Amroti
Amroti meali ile okumaya başla
Büruc 1 / 22
1
بُرجن واري آسمان جو قسم آھي.
Amroti 85:1
2
۽ وعدي ڪيل ڏينھن جو قسم آھي.
Amroti 85:2
3
۽ حاضر ٿيڻ واري ۽ جنھن وٽ حاضر ڪيو وڃي تنھن جو قسم آھي.
Amroti 85:3
4
ته کاھين وارا ماريا وڃن.
Amroti 85:4
5
جا باھ گھڻي ٻَل واري ھئي.
Amroti 85:5
6
جڏھن اُھي اُنھن باھ جي (کاھين) تي ويٺل ھوا.
Amroti 85:6
7
۽ جيڪي اُنھن مسلمانن سان (ظلم) ٿي ڪيو تنھن کي روبرو ڏسڻ وارا ھوا.
Amroti 85:7
8
۽ انھن ھن کانسواءِ (ٻيءَ) ڪنھن ڳالھ جو وير نه ٿي ورتو ته انھن اُنھيءَ غالب ساراھيل الله تي ايمان آندو ھو.
Amroti 85:8
9
جنھن کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي آھي، ۽ الله سڀ شيءَ جي خبر رکندڙ آھي.
Amroti 85:9
10
بيشڪ جن (ماڻھن) مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي ايذايو وري توبه نه ڪيائون تن لاءِ دوزخ جو عذاب آھي ۽ اُنھن لاءِ سڙڻ جو عذاب (به) آھي.
Amroti 85:10
11
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اھڙا باغ آھن جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.
Amroti 85:11
12
بيشڪ تنھنجي پالڻھار جي پڪڙ بلڪل سخت آھي.
Amroti 85:12
13
بيشڪ اُھو پھريون دفعو بڻائي ٿو ۽ وري ٻيھر موٽائيندو.
Amroti 85:13
14
۽ اُھو بخشڻھار پيار رکندڙ آھي.
Amroti 85:14
15
(جو) عرش جو مالڪ تمام وڏي شان وارو آھي.
Amroti 85:15
16
جيڪي گھري سو ڪرڻ وارو ئي آھي.
Amroti 85:16
17
تو وٽ لشڪرن جي خبر (نه) آئي آھي ڇا؟
Amroti 85:17
18
(يعني) فرعون ۽ ثمود جي.
Amroti 85:18
19
بلڪ ڪافر ڪوڙ ڀانئڻ ۾ (لڳا پيا) آھن.
Amroti 85:19
20
۽ الله سندن چؤڦير گھيرو ڪندڙ آھي.
Amroti 85:20
21
بلڪ ھي سڳورو قرآن آھي.
Amroti 85:21
22
حفاظت ڪيل تختي ۾ لکيل آھي.
Amroti 85:22
Büruc suresi tamamlandı