Ana SayfaMealler › Amroti
A

Amroti

Amroti
Amroti meali ile okumaya başla
İnşikak 1 / 25
1
جڏھن آسمان ڦاٽندو.
Amroti 84:1
2
۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندو ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس.
Amroti 84:2
3
۽ جڏھن زمين پکيڙبي.
Amroti 84:3
4
۽ جيڪي اُن ۾ ھوندو سو (سڀ) ڪڍي اُڇليندي ۽ خالي ٿيندي.
Amroti 84:4
5
۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندي ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس.
Amroti 84:5
6
اي ماڻھو تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پھچڻ ۾) تمام گھڻي تڪليف وٺڻ وارو آھين جو اُن کي (وڃي) ملندين.
Amroti 84:6
7
پوءِ اُھو (ماڻھو) جنھن کي سندس سڄي ھٿ ۾ سندس اعمالنامو ڏبو.
Amroti 84:7
8
تنھن سان آسانيءَ طرح سگھوئي حساب ڪبو.
Amroti 84:8
9
۽ پنھنجن گھر وارن ڏانھن خوش ٿي موٽندو.
Amroti 84:9
10
۽ اُھو ماڻھو جنھن کي سندس اعمالنامو سندس پٺي پويان ڏبو.
Amroti 84:10
11
سو سگھوئي موت کي سڏيندو.
Amroti 84:11
12
۽ دوزخ ۾ گھڙندو.
Amroti 84:12
13
ڇوته اُھو (دنيا ۾) پنھنجن گھر وارن ۾ خوش (حال) ھو.
Amroti 84:13
14
بيشڪ انھيءَ ڀانيو ھو ته (الله ڏانھن) ڪڏھن نه موٽندو.
Amroti 84:14
15
ھائو! (موٽندو) ڇوته سندس پالڻھار اُن کي ڏسندڙ آھي.
Amroti 84:15
16
پوءِ شفق جو قسم کڻان ٿو.
Amroti 84:16
17
۽ رات جو (قسم) ۽ جنھن کي گڏ ڪيو اٿس.
Amroti 84:17
18
۽ چنڊ جو (قسم) جڏھن پورو روشن ٿئي.
Amroti 84:18
19
ته ھڪ حال کان ٻئي حال تي ضرور چڙھندؤ.
Amroti 84:19
20
پوءِ ھنن (ڪافرن) کي ڇا (ٿيو) آھي جو ايمان نه آڻيندا آھن.
Amroti 84:20
21
۽ جڏھن وٽن قرآن پڙھبو آھي (ته) سجدو نه ڪندا آھن.
Amroti 84:21
22
بلڪ (اھي) ڪافر ڪوڙ ڀانئيندا آھن.
Amroti 84:22
23
۽ جيڪي (پنھنجين دلين ۾) سانڀيندا آھن سو الله چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.
Amroti 84:23
24
پوءِ کين ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي.
Amroti 84:24
25
پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اَجر آھي.
Amroti 84:25
İnşikak suresi tamamlandı