Ana SayfaMealler › Amroti
A

Amroti

Amroti
Amroti meali ile okumaya başla
Tekvir 1 / 29
1
جڏھن سج ويڙھبو.
Amroti 81:1
2
۽ جڏھن تارا ميرا ٿيندا.
Amroti 81:2
3
۽ جڏھن جبل ھلايا ويندا.
Amroti 81:3
4
۽ جڏھن ڍُڪيون ويامڻ تي ڏاچيون بيڪار ڇڏبيون.
Amroti 81:4
5
۽ جڏھن جھنگلي جانور گڏ ڪبا.
Amroti 81:5
6
۽ جڏھن درياءَ (باھ وانگر) تپائبا.
Amroti 81:6
7
۽ جڏھن جيءَ پاڻ ۾ ملائبا.
Amroti 81:7
8
۽ جڏھن جيئري پوريل نياڻي پڇبي ته.
Amroti 81:8
9
ڪھڙي ڏوھ ڪري ماري وئي.
Amroti 81:9
10
۽ جڏھن اعمالناما کولبا.
Amroti 81:10
11
۽ جڏھن آسمان ڇلبو.
Amroti 81:11
12
۽ جڏھن دوزخ ٻاربو.
Amroti 81:12
13
۽ جڏھن بھشت ويجھو ڪبو.
Amroti 81:13
14
(تڏھن) ھر ھڪ جيءُ جيڪي حاضر آندو سو ڄاڻندو.
Amroti 81:14
15
پوئتي ھٽندڙ تارن جو قَسم کڻان ٿو.
Amroti 81:15
16
جي (ڪڏھن) سڌا ھلندڙ آھن (ڪڏھن) لڪي ويندڙ آھن.
Amroti 81:16
17
۽ قسم آھي رات جو جڏھن پوئتي موٽندي آھي.
Amroti 81:17
18
۽ قسم آھي صُبح جو جڏھن روشن ٿئي.
Amroti 81:18
19
ته بيشڪ اھو (قرآن) ھڪ موڪليل سڳوري (مَلَڪ) جو پيغام ڏيڻ آھي.
Amroti 81:19
20
جو سگھ واري عرش جي مالڪ (الله) وٽ وڏي مرتبي وارو آھي.
Amroti 81:20
21
جو مڃوتيءَ وارو اُتي (مَلڪوت ۾) امين آھي.
Amroti 81:21
22
۽ (ھي) اوھان جو سنگتي (ﷴ ﷺ ڪو) چريو نه آھي.
Amroti 81:22
23
۽ بيشڪ (اوھان جي سنگتي) اُن (مَلَڪ) کي آسمان جي پڌري ڪناري تي (چتائي) ڏٺو آھي.
Amroti 81:23
24
۽ اُھو (اوھان جو سنگتي) ڳجھ (جي ڳالھ ڏسڻ) تي بخل ڪندڙ نه آھي.
Amroti 81:24
25
۽ قرآن تڙيل شيطان جو ڪلام نه آھي.
Amroti 81:25
26
پوءِ ڪيڏانھن وڃو ٿا؟
Amroti 81:26
27
ھيءُ (قرآن) جھان وارن جي نصيحت کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه آھي.
Amroti 81:27
28
اوھان مان جيڪو سڌو ھلڻ گھري تنھن لاءِ آھي.
Amroti 81:28
29
۽ جھانن جي پالڻھار الله جي گھُر کانسواءِ (ٻيو) ڪي اوھين گھري نه سگھندؤ.
Amroti 81:29
Tekvir suresi tamamlandı