4
ان کي پڌرو ڳالھائڻ سيکاريائين.
5
سج ۽ چنڊ پوري حساب تي ھلندا آھن.
6
۽ وليون ۽ وڻ (الله کي) سجدو ڪندا آھن.
7
۽ آسمان کي بلند ڪيائين ۽ انصاف جي ترازي رکيائين.
8
ھن لاءِ ته تور ۾ حد کان نه لنگھو.
9
۽ انصاف سان پورو توريندا رھو ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪريو.
10
ماڻھن لاءِ زمين کي پکيڙيائين.
11
منجھس (ھر جنس) جو ميوو ۽ چپڙين واريون کجيون آھن.
12
۽ بُھ وارو اَنُّ ۽ سرھاڻيون (به اُن ۾) آھن.
13
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي رب جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
14
ماڻھوءَ کي ٽِڪر جھڙي وڄندڙ مٽيءَ مان پيدا ڪيائين.
15
۽ جنّ کي باھ جي الانبي مان بڻايائين.
16
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
17
جو ٻنھي اوڀرن جو پالڻھار آھي ۽ ٻنھي اولھن جو پالڻھار آھي.
18
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
19
ٻن دريائن (کاري ۽ مٺيءَ) کي وھايائين جو پاڻ ۾ گڏجي ٿا وھن.
20
انھن ٻنھي جي وچ ۾ اوٽ آھي جو ھڪ ٻئي تي زيادتي نه ڪندا آھن.
21
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
22
انھن ٻنھي مان موتي ۽ مرجان نڪرندا آھن.
23
پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
24
۽ سمنڊ ۾ ھلندڙ جھاز (سڙھ کنيل) جبلن وانگر اُچا الله جا آھن.
25
پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
26
جيڪو به زمين تي آھي سو سڀ ناس ٿيندو.
27
۽ (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار جي ذات باقي رھندي جو عزت وارو ۽ نعمتن وارو آھي.
28
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
29
جيڪو به آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سڀڪو الله کان گھرندو آھي، سڀڪنھن ڏينھن اُھو ڪم ۾ آھي.
30
پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
Sonraki 30 ayet →