Ana SayfaMealler › Amroti
A

Amroti

Amroti
Amroti meali ile okumaya başla
Necm 1 / 62
1
ستاري جو قسم آھي جڏھن لھي.
Amroti 53:1
2
ته اوھان جو (ھي) سنگتي (محمّد) نڪي ڀُلو ۽ نڪي بي راھو ھليو.
Amroti 53:2
3
۽ نڪي (نفس جي) سَڌ کان ڳالھائيندو آھي.
Amroti 53:3
4
ھيُ قرآن رڳو وحي آھي جو موڪليو ويندو آھي.
Amroti 53:4
5
اُن کي ڏاڍي سگھ واري سيکاريو آھي.
Amroti 53:5
6
جو زور وارو آھي، پوءِ اُھو سِڌو بيٺو.
Amroti 53:6
7
۽ اُھو (آسمان جي) مٿاھين ڪناري تي ھو.
Amroti 53:7
8
وري ويجھو ٿيو پوءِ ھيٺ لٿو.
Amroti 53:8
9
پوءِ ٻن ڪمانن جيتري وِٿي ھئي يا (اُن کان به) تمام ويجھو ھو.
Amroti 53:9
10
پوءِ الله جي ٻانھي ڏانھن پيغام پھچايائين جيڪي پھچايائين.
Amroti 53:10
11
جيڪي (پيغمبر جي) دل ڏٺو سو اُن ڪوڙ نه ڄاتو.
Amroti 53:11
12
جيڪي (پيغمبر) ڏسندو آھي تنھن ۾ اُن سان جھڳڙو ڇو ڪندا آھيو؟
Amroti 53:12
13
۽ بيشڪ اُنھيءَ (ملائڪ) کي (انھيءَ مھل) ٻيو ڀيرو (سندس اصلي صورت ۾) ڏٺو ھوائين.
Amroti 53:13
14
سِدۡرَةُ الۡمُنۡتَھىٰ وٽ.
Amroti 53:14
15
اُن وٽ رھڻ جو بھشت آھي.
Amroti 53:15
16
جنھن مھل سِدرة کي انھيءَ ٿي ڍڪيو جنھن ڍڪيو ٿي.
Amroti 53:16
17
(پيغمبر جي اک) نڪي لڙي ۽ نڪي حد کان لنگھي.
Amroti 53:17
18
بيشڪ ڪي وڏيون نشانيون پنھنجي پالڻھار جون ڏٺائين.
Amroti 53:18
19
لات ۽ عُزّىٰ کي ڏٺو اَٿوَ ڇا؟
Amroti 53:19
20
۽ پوئين ٽين منات کي به؟
Amroti 53:20
21
ڇا اوھان لاءِ پٽ آھن ۽ الله لاءِ ڌيئرون.
Amroti 53:21
22
اِھو ورھاڱو اُنھيءَ مھل بي انصافيءَ وارو آھي.
Amroti 53:22
23
اھي (سڀ) رڳا نالا آھن جي اوھان پاڻ ۽ اوھان جي پِين ڏاڏن مُقرّر ڪيا آھن الله اُن (جي ثابتيءَ) جو ڪو دليل نازل نه ڪيو آھي، (ھيُ) رڳو گمان تي ھلندا آھن ۽ جيڪي (سندن) جيءَ سَڌ ڪندا آھن (تنھن تي به)، ۽ بيشڪ سندن پالڻھار کان وٽن ھدايت آئي آھي.
Amroti 53:23
24
ماڻھو جيڪا سڌ ڪندو آھي سا کيس ملندي ڇا؟
Amroti 53:24
25
پوءِ ھو جَڳ ۽ ھيُ جَڳ الله جو آھي.
Amroti 53:25
26
۽ آسمانن ۾ ڪيترائي ملائڪ آھن جن جي پارت ذري جيترو به نفعو نه ڪندي پر الله جي موڪل ڏيڻ کانپوءِ جنھن لاءِ گھري ۽ راضي ٿئي.
Amroti 53:26
27
بيشڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن سي ملائڪن تي ڌيئرن جا نالا رکندا آھن.
Amroti 53:27
28
۽ کين ان (ڳالھ) جي ڪا خبر نه آھي، رُڳو گمان تي ھلندا آھن، ۽ بيشڪ گمان حقيقت جي سڃاڻڻ ۾ ڪجھ به نفعو نه ڏيندو آھي.
Amroti 53:28
29
پوءِ (اي پيغمبر) انھيءَ کان منھن موڙ جنھن اسان جي ياد ڪرڻ کان مُنھن ڦيرايو ۽ دنيا جي حياتيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه گھريائين.
Amroti 53:29
30
اھا سندن علم جي پڄاڻي آھي، بيشڪ تنھنجو پالڻھار اُنھيءَ کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو سندس واٽ کان ڀُلو ۽ جيڪو سڌي رستي ھليو تنھنکي (به) اُھو چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.
Amroti 53:30