Ana SayfaMealler › Amroti
A

Amroti

Amroti
Amroti meali ile okumaya başla
Tur 1 / 49
1
(جبل) طُور جو قسم آھي.
Amroti 52:1
2
۽ لکيل ڪتاب جو (قسم) آھي.
Amroti 52:2
3
جو کُليل ورقن ۾ (لکيل) آھي.
Amroti 52:3
4
۽ آباد گھر جو (قسم) آھي.
Amroti 52:4
5
۽ مٿاھينءَ ڇت جو (قسم) آھي.
Amroti 52:5
6
۽ اُڀامندڙ درياءَ جو (قسم) آھي.
Amroti 52:6
7
ته بيشڪ تنھنجي پالڻھار جو عذاب ضرور ٿيڻو آھي.
Amroti 52:7
8
اُن کي ڪوبه ٽارڻ وارو ڪونھي.
Amroti 52:8
9
جنھن ڏينھن آسمان موج ھڻي چُرندو.
Amroti 52:9
10
۽ جبل چڱيءَ طرح ھلندا.
Amroti 52:10
11
تنھن ڏينھن اُنھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
Amroti 52:11
12
جيڪي اَجاين ڳالھين ۾ راند ڪندا آھن.
Amroti 52:12
13
جنھن ڏينھن دوزخ جي باھ ڏانھن ڌڪا ڏيئي روانا ڪبا.
Amroti 52:13
14
(تنھن ڏينھن چئبن ته) ھي اُھا باھ آھي جنھن کي ڪُوڙ ڀائندا ھئو.
Amroti 52:14
15
ھيءُ جادو آھي ڇا يا اوھين نه ٿا ڏسو؟
Amroti 52:15
16
ان ۾ گھڙو پوءِ صبر ڪريو يا صبر نه ڪريو، (ته) اوھان لاءِ ھڪ جھڙي (ڳالھ) آھي، جيڪي اوھين ڪندا ھئو رڳو تنھنجو بدلو اوھان کي ڏنو ويندو.
Amroti 52:16
17
بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ نعمتن ۾ ھوندا.
Amroti 52:17
18
جيڪا (نعمت) کين سندن پالڻھار ڏني تنھن سان خوش ھوندا، ۽ (اُنھي ڪري به خوش ھوندا جو) سندن پالڻھار کين دوزخ جي عذاب کان بچايو.
Amroti 52:18
19
(چئبن ته) انھي ڪري جو (چڱا) ڪم ڪندا ھئو مزي سان کائو ۽ پيئو.
Amroti 52:19
20
ھڪ ٻئي جي برابر وڇايلن تختن تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ھوندا، ۽ کين وڏين اکين وارين حورن سان پرڻائينداسون.
Amroti 52:20
21
۽ جن ايمان آندو ۽ سندن اولاد ايمان ۾ سندن رستو ھليا تن سان سندن اولاد کي ملائينداسون ۽ کين سندن عملن مان ڪجھ به نه گھٽائينداسون، سڀڪنھن مڙس جيڪي ڪمايو تنھن ۾ (اُھو پاڻ) ڳه ٿيل آھي.
Amroti 52:21
22
۽ انھن کي ميوو ۽ گوشت جنھن (قسم) مان گھرندا (تنھن مان) پيا ڏينداسون.
Amroti 52:22
23
اُتي شراب جا پيالا ھڪ ٻئي کان پيا وٺندا جنھن ۾ نڪي بڪ بڪ ۽ نڪو گناھ ۾ پوڻ ھوندو.
Amroti 52:23
24
۽ وٽن اھڙا نينگر سندن آس پاس (خدمت لاءِ) پيا ايندا ويندا جو ڄڻڪ اُھي ڍڪيل موتي آھن.
Amroti 52:24
25
۽ اُنھن مان ھڪڙا ٻـين ڏانھن پاڻ ۾ پڇا ڪرڻ ڪرڻ لاءِ مُنھن ڪندا.
Amroti 52:25
26
چوندا ته بيشڪ اسين ھن کان اڳ پنھنجي گھر وارن ۾ ڊڄندڙ ھئاسون.
Amroti 52:26
27
پوءِ الله اسان تي احسان ڪيو ۽ اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچايائين.
Amroti 52:27
28
بيشڪ اسين ھن کان اڳ کيس سڏيندا ھواسون، بيشڪ اُھوئي اِحسان ڪندڙ مھربان آھي.
Amroti 52:28
29
پوءِ (اي پيغمبر کين) نصيحت ڪر جو تون پنھنجي پالڻھار جي فضل سان نڪي ڀُوپُو آھين ۽ نڪي چريو آھين.
Amroti 52:29
30
بلڪ چوندا آھن ڇا ته شاعر آھي (۽ اسين) سندس حق ۾ زماني جي ڦير گھير اچڻ جا منتظر آھيون.
Amroti 52:30