Ana SayfaMealler › Amroti
A

Amroti

Amroti
Amroti meali ile okumaya başla
Zariyat 1 / 60
1
قسم آھي اُڏائڻ وارن (وائن) جو (خاڪ کي) اُڏائڻ.
Amroti 51:1
2
پوءِ (پاڻي جي) بار کڻڻ وارن (ڪڪرن) جو قسم آھي.
Amroti 51:2
3
پوءِ آسانيءَ سان ھلندڙين (ٻيڙين) جو قسم آھي.
Amroti 51:3
4
پوءِ ڪم وراھڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي.
Amroti 51:4
5
ته بيشڪ جيڪو اوھان سان انجام ڪجي ٿو سو سچ آھي.
Amroti 51:5
6
۽ بيشڪ (عملن جو) بدلو ضرور ٿيڻو آھي.
Amroti 51:6
7
واٽن واري آسمان جو قسم آھي.
Amroti 51:7
8
ته (اوھين) پاڻ ۾ تڪرار واريء ھڪ ڳالھ ۾ (پيل) آھيو.
Amroti 51:8
9
قرآن کان اُھو ڦيرايو ويندو آھي جيڪو (ازل) ۾ ڦيرايل آھي.
Amroti 51:9
10
اُنھن ڪوڙ ھڻندڙن کي لعنت ڪئي ويئي.
Amroti 51:10
11
جيڪي اَڻ ڄاڻائي ۾ وسارڻ وارا آھن.
Amroti 51:11
12
پُڇندا آھن ته قيامت جو ڏينھن ڪڏھن ٿيندو؟
Amroti 51:12
13
(ھائو) اُنھي ڏينھن جو اُنھن کي باھ ۾ عذاب ڪبو.
Amroti 51:13
14
(چئبو ته ھيُ) پنھنجو عذاب چکو، ھيُ اُھو آھي جنھن کي اوھين جلد گھرندا ھئو.
Amroti 51:14
15
بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ چشمن ۾ ھوندا.
Amroti 51:15
16
جيڪي سندن پالڻھار کين ڏنو سو وٺڻ وارا ھوندا، بيشڪ اُھي ھن کان اڳ چڱائي ڪندڙ ھوا.
Amroti 51:16
17
رات جو ٿورو سمھندا ھوا.
Amroti 51:17
18
۽ اُھي اَسرن جو بخشش گھرندا ھوا.
Amroti 51:18
19
۽ سندن مالن ۾ سوال ڪندڙ ۽ نه سوال ڪندڙ مُحتاج جو حصّو ھو.
Amroti 51:19
20
۽ يقين ڪندڙن لاءِ زمين ۾ نشانيون آھن.
Amroti 51:20
21
۽ اوھان جي جندن ۾ به، پوءِ نٿا ڏسو ڇا؟
Amroti 51:21
22
۽ اوھان جي روزي آسمان ۾ آھي ۽ اُھو (به) جنھنجو اوھان کي انجام ڏجي ٿو.
Amroti 51:22
23
پوءِ آسمان ۽ زمين جي پالڻھار جو قسم آھي ته اھا خبر سچي آھي جھڙي طرح اوھين ڳالھائيندا آھيو.
Amroti 51:23
24
اِبراھيم جي سڳورن مھمانن جي خبر تو وٽ (نه) آئي آھي ڇا؟
Amroti 51:24
25
جڏھن اُھي وٽس آيا تڏھن سلام چيائين، ھن (به) سلام چيو، (دل ۾ ڄاتائين ته ھي) اوپرا ماڻھو آھن.
Amroti 51:25
26
پوءِ پنھنجي گھر وارن ڏانھن تکو ھليو ۽ ٿلھو گابو (پچائي) آندائين.
Amroti 51:26
27
پوءِ اھو انھن کي ويجھو ڪيائين چيائين ته ڇونه ٿا کائو؟
Amroti 51:27
28
پوءِ کائن دل ۾ ڊپ رکيائين، چيائون ته نه ڊڄ، ۽ اُن کي ھڪ داناءَ نينگر جي مبارڪ ڏنائون.
Amroti 51:28
29
پوءِ سنديس زال دانھن ڪندي سامھون آئي پوءِ پنھنجو منھن ڪٽيائين ۽ چيائين ته ٻڍڙي سنڍ (ڄڻيندي ڇا؟).
Amroti 51:29
30
چيائون ته ائين ئي تنھنجي پالڻھار فرمايو آھي، ڇوته اُھو حِڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.
Amroti 51:30