1
سڀ ساراھ خاص الله کي جُڳائي جو آسمانن ۽ زمين جو بڻائيندڙ آھي ملائڪن کي قاصد ڪرڻ وارو آھي جو ٻن ٻن ۽ ٽن ٽن ۽ چَئن چَئن پَرن وارا آھن، جيڪي گھري سو خلقت ۾ وڌائي ٿو، بيشڪ الله ھر شيء تي وس وارو آھي.
2
الله ماڻھن لاءِ (پنھنجيءَ) ٻاجھ مان جيڪي کوليندو تنھن کي ڪو بند ڪرڻ وارو نه آھي، ۽ جيڪي بند ڪندو تنھنکي اُن (جي بند ڪرڻ) کانپوءِ ڪو کولڻ وارو نه آھي، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.
3
اي ماڻھؤ پاڻ تي الله جون نعمتون ياد ڪريو، الله کانسواءِ ڪو بڻائيندڙ آھي ڇا؟ جو آسمان ۽ زمين مان اوھان کي روزي ڏئي ٿو، اُن (الله) کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي پوءِ ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھيو.
4
۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن ڪوڙو ڀائين ته بيشڪ تو کان اڳ (ٻيا ڪيترائي) پيغمبر ڪوڙا ڀانيا ويا، ۽ سڀ ڪم الله ڏانھن موٽائجن ٿا.
5
اي ماڻھؤ بيشڪ الله جو اَنجام سچّو آھي تنھنڪري نڪي اوھان کي دنيا جي حياتي ٺڳي، ۽ نڪي فريبيندڙ (شيطان) الله بابت اوھان کي فريبي.
6
بيشڪ شيطان اوھان جو ويري آھي تنھنڪري اُن کي ويري (ڪري) وٺو، (ھو) پنھنجيءَ ٽوليءَ کي رڳو ھن لاءِ سڏيندو آھي ته دوزخين مان ٿين.
7
جن ڪُفر ڪيو تن لاءِ سخت عذاب آھي، ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آھي.
8
جنھن لاءِ سندس بڇڙو ڪم سينگاريو ويو پوءِ اُن کي ھُن چڱو (ڪري) ڏٺو (سو چڱي ڪم ڪندڙ جھڙو ھوندو) ڇا؟ پوءِ بيشڪ الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي گمراھ ڪندو آھي ۽ جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي ھدايت ڪندو آھي، تنھنڪري مٿن ارمان ڪرڻ سببان متان تنھنجو ساھ نڪري، ڇوته جيڪي ڪندا آھن سو الله ڄاڻندڙ آھي.
9
۽ الله اُھو آھي جنھن وائن کي موڪليو پوءِ اُنھن ڪڪر کي کنيو پوءِ اُن (ڪڪر) کي ويران ڳوٺ ڏانھن روانو ڪيوسون پوءِ اُن (جي پاڻيءَ) سان زمين کي سندس ويرانيءَ کانپوءِ جياريوسون، اھڙي طرح (قبرن مان) مُئن جو اُٿڻ آھي.
10
جيڪو مانُ گھري (سو ياد رکي) ته سڀ مانُ الله ئي کي آھي (اُن وٽان عزت ملندي آھي)، ڏانھس پاڪ سُخن چڙھندو آھي ۽ اُن (پاڪ سُخن) کي چڱو عمل مٿي چاڙھيندو آھي، ۽ جيڪي بڇڙاين جي رٿ ڪندا آھن تن لاءِ سخت عذاب آھي، ۽ اُھا ٺڳي اُنھن جي ٽٽندي.
11
۽ الله اوھان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو وري نطفي مان (بڻايائين) وري اوھان کي جوڙو جوڙو (مڙس ۽ زال) ڪيائين، ۽ مادين مان ڪابه سندس علم کانسواءِ نڪي ڍُڪي ٿيندي ۽ نڪي ڄڻيندي آھي، ۽ نڪي ڪنھن وڏي عمر واري کي ڄمار ڏبي آھي ۽ نڪي سندس ڄمار مان (ڪجھ) گھٽائبو آھي مگر (اُھو) ڪتاب ۾ لکيل آھي، بيشڪ اھو (ڪم) الله کي آسان آھي.
12
۽ ٻه درياءَ ھڪ جھڙا نه آھن (جن مان) ھيءُ ھڪ مِٺو اُڃ لاھيندڙ آھي سندس پاڻي وڻندڙ آھي ۽ اُھو ٻيو کارو ڪوڙو آھي، ۽ ھر ھڪ مان (مڇيءَ جو) تازو گوشت کائيندا آھيو ۽ زيور (يعني موتي منجھائن) ڪڍندا آھيو جي پائيندا آھيو، ۽ منجھس (پاڻي کي) چيريندڙ ٻيڙيون ڏسندو آھين (ھن لاءِ) ته سندس فضل مان (روزي) طلب ڪريو ۽ ته مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.
13
رات کي ڏينھن ۾ گھيڙيندو آھي ۽ ڏينھن کي رات ۾ گھيڙيندو آھي ۽ سج ۽ چنڊ کي تابع ڪيائين، ھر ھڪ ٺھرايل مدت تي ھلندو آھي، اُھو الله اوھان جو پالڻھار آھي اُن جي بادشاھي آھي، ۽ جن کي الله کانسواءِ سڏيندا آھيو سي کارڪ جي ککڙيءَ جي ڇلُ (جيتري ذري) جا (به) مالڪ نه آھن.
14
جيڪڏھن کين سڏيو ته اوھان جو سڏ نه ٻڌندا، ۽ جيڪڏھن (کڻي) ٻڌن (به) ته به اوھان کي ورندي نه ڏيندا، ۽ قيامت جي ڏينھن اوھان جي شريڪ ٺھرائڻ جا منڪر ٿيندا، ۽ توکي خبر رکندڙ جھڙي ڪوبه خبر نه ڏيندو.
15
اي ماڻھو اوھين الله ڏانھن مُحتاج آھيو، ۽ الله اُھو بي پرواھ ساراھيل آھي.
16
جيڪڏھن گھري ته اوھان کي ناس ڪري ۽ نئين خلق پيدا ڪري.
17
۽ اِھو (ڪم) الله کي اَوکو نه آھي.
18
۽ ڪوبه بار کڻندڙ ٻئي جو بار نه کڻندو، ۽ جيڪڏھن (گناھن جي) ڳوري بار وارو پنھنجي بار کڻڻ ڏانھن ڪنھن کي سڏيندو توڻيڪ مائٽي وارو ھوندو ته به منجھانئس ڪجھ به نه کنيو ويندو، تون ته انھن کي ڊيڄاري سگھندين جيڪي پنھنجي پالڻھار کان پرپُٺ ڊڄندا آھن ۽ نماز پڙھندا آھن، ۽ جيڪو پاڪ ٿيو سو رڳو پاڻ لاءِ پاڪ ٿئي ٿو، ۽ الله ڏانھن موٽڻ آھي.
19
۽ انڌو ۽ سڄو برابر نه آھن.
20
۽ نڪي اونداھيون ۽ نڪي سوجھرو.
21
۽ نڪي ڇانوَ ۽ نڪي اُس (پاڻ ۾ ھڪ جھڙا آھن).
22
۽ نڪي جيئرا ۽ نڪي مُئا برابر ٿين ٿا، بيشڪ الله جنھن کي گھري تنھن کي ٻڌائيندو آھي، ۽ تون ڪو قبر وارن کي ٻڌائيندڙ نه آھين.
23
تون ته رڳو ڊيڄاريندڙ آھين.
24
بيشڪ اسان توکي سچي دين سان خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو، ۽ اھڙي ڪا ٽولي آھي ئي ڪانه جنھن ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ نه گذريو آھي.
25
۽ جيڪڏھن توکي ڪوڙو ڀائين ٿا ته کائن اڳين به بيشڪ ڪوڙو ڀانيو ھو، جن وٽ سندن پيغمبر چِٽن معجزن ۽ صحيفن سان ۽ پڌرن ڪتابن سان آيا ھوا.
26
وري ڪافرن کي پڪڙيم ۽ منھنجي سزا ڪيئن ھئي.
27
نه ڏٺو اٿئي ڇا ته الله آسمانن کان پاڻي وسايو، پوءِ اُن سان ميوا پيدا ڪياسون جن جا رنگ قسمين قسمين آھن، ۽ جبلن مان ٽُڪر آھن ڪي اڇا ۽ ڪي ڳاڙھا انھن جا طرحين طرحين رنگ آھن ۽ ڪي نھايت ڪارا (به) آھن.
28
۽ اھڙيءَ طرح ماڻھن ۽ چرندڙن ۽ ڍورن مان (به) جو انھن جا رنگ طرح طرح جا آھن (بڻاياسين)، الله کان سندس ٻانھن مان رڳو سمجھ وارا ڊڄندا آھن، بيشڪ الله غالب بخشڻھار آھي.
29
بيشڪ جيڪي (ماڻھو) الله جو ڪتاب پڙھندا آھن ۽ نماز (پوريءَ طرح) پڙھندا آھن ۽ جيڪي کين ڏنوسون تنھن مان ڳُجھو ۽ پڌرو خرچيندا آھن سي اھڙيءَ سوداگري جي اميد رکندا آھن جا ڪڏھن نه برباد ٿيندي.
30
(ھن لاءِ) ته خُدا کين سندن اجر پورو ڏئي ۽ پنھنجي فضل سان کين وڌيڪ به ڏئي، ڇوته اھو بخشڻھار قدر ڄاڻندڙ آھي.
Sonraki 15 ayet →