1
طٰسٓ، ھي قرآن ۽ پڌري ڪتاب جون آيتون آھن.
2
اُنھن مؤمنن لاءِ ھدايت ۽ خوشخبري آھي.
3
جيڪي نماز پڙھندا آھن ۽ زڪوٰة ڏيندا آھن ۽ اُھي آخرت تي (به) يقين رکندا آھن.
4
بيشڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن لاءِ سندن ڪرتوت سينگارياسون پوءِ اُھي حيران رھندا آھن.
5
اِھي اُھي آھن جن لاءِ عذاب جي سختي آھي ۽ اُھي ئي آخرت ۾ ٽوٽي وارا آھن.
6
۽ (اي پيغمبر) بيشڪ توکي حِڪمت واري ڄاڻندڙ (الله) وٽان قرآن ڏنو وڃي ٿو.
7
(ياد ڪر) جڏھن موسىٰ پنھنجي گھر جي ڀاتين کي چيو ته بيشڪ مون باھ ڏٺي آھي، اجھو اوھان وٽ اُتان ڪا خبر آڻيندس يا اوھان وٽ (ڪو) ٻاريل ٽانڊو آڻيندس ته مانَ اوھين پاڻ سيڪيو.
8
پوءِ جنھن مھل (باھ) وٽ آيو (تنھن مھل) سڏيو ويو ته جوئي باھ ۾ ۽ سندس چوگرد آھي سو برڪت وارو ڪيو ويو آھي، ۽ جھانن جي پالڻھار کي پاڪائي آھي.
9
(چيو ويو ته) اي مُوسىٰ بيشڪ (ڳالھ ھيءَ آھي ته) آءٌ غالب حڪمت وارو الله آھيان.
10
۽ پنھنجي لٺ کي اُڇل، پوءِ جنھن مھل اُن کي چرندو ڏٺائين ڄڻڪ اُھا نانگ آھي (تنھن مھل) پٺي ڏئي ڀڳو ۽ پوءِ تي نه موٽيو، (چيوسون ته) اي مُوسىٰ نه ڊڄ، بيشڪ مون وٽ پيغمبر نه ڊڄندا آھن.
11
پر جنھن ظلم ڪيو وري مدائي کانپوءِ مٽائي چڱائي ڪيائين ته بيشڪ (اُنھيءَ لاءِ) بخشڻھار مھربان آھيان.
12
۽ پنھنجو ھٿ پنھنجي گريبان ۾ وجھ ته بي عيب چمڪندڙ ٿي نڪري (انھن ٻن معجزن سان) جي نون معجزن ۾ داخل آھن فرعون ۽ سندس قوم ڏانھن (وڃ)، بيشڪ اُھي بدڪار قوم آھن.
13
پوءِ جنھن مھل اسان جون چِٽيون آيتون وٽن پھتيون (تنھن مھل) چيائون ته ھي پڌرو جادو آھي.
14
۽ بي انصافي ۽ وڏائيءَ کان اُنھن (نشانين) جو انڪار ڪيائون حالانڪ سندين دلين انھن کي پڪ ڄاتو ھو (ته الله جي طرف کان آيل آھن)، پوءِ ڏس ته فسادين جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي.
15
۽ بيشڪ داؤد ۽ سليمان کي علم ڏنوسون، ۽ ھنن چيو ته سڀ ساراھ اُنھي الله کي جڳائي جنھن پنھنجن گھڻن مؤمن ٻانھن تي اسان کي ڀلائي ڏني آھي.
16
۽ سليمان داؤد جو وارث ٿيو ۽ چيائين ته اي ماڻھؤ اسان کي پکين جي ٻولي سيکاري وئي آھي ۽ اسان کي سڀڪا نعمت ڏني وئي آھي، بيشڪ اھا پڌري ڀلائي آھي.
17
۽ سليمان لاءِ جنن ۽ ماڻھن ۽ پکين مان سندس لشڪر گڏ ڪيا ويا پوءِ اُھي لڳولڳ صفون ٻڌائي بيھاريا ويندا ھوا.
18
تان جو جڏھن ڪِوۡلين جي ميدان تي پھتا (تڏھن) ھڪ ڪِوۡل چيو ته اي ڪيوۡليون اوھين پنھنجي ٻرڙن ۾ گھڙو، ته سليمان ۽ سندس لشڪر پنھنجي بي خبريءَ ۾ اوھان کي نه لتاڙين.
19
پوءِ (سليمان) اُن جي ڳالھائڻ کان مُرڪي کِليو ۽ چيائين ته اي منھنجا پالڻھار مون کي توفيق ڏي ته تنھنجي اُنھن نعمتن جو شڪر ڪريان جي مون تي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ تي ڪيون اٿيئي ۽ (توفيق ڏيم) ته اھڙا چڱا ڪم ڪريان جن کان تون راضي ٿئين ۽ مون کي پنھنجي ٻاجھ سان پنھنجي صالح ٻانھن ۾ داخل ڪر.
20
۽ پکين جو حال احوال معلوم ڪيائين پوءِ (ھُد ھُد کي نه ڏسي ڪري) چيائين ته مون کي ڇا (ٿيو) آھي جو ھُد ھُد نه ٿو ڏسان، يا ھو غير حاضر آھي؟
21
ضرور سخت سزا ڏيندوسانس يا ضرور ڪُھندوسانس يا مون وٽ ڪو پڌرو دليل آڻي.
22
پوءِ گھڻو نه ترسيو ته (اچي) چيائين ته اھڙي خبر آندي اٿم جنھنجي توکي ڪا سُڌ نه ھئي ۽ (شھر) سبا کان (ھيءَ) پڪي خبر تووٽ آندي اٿم.
23
بيشڪ مون ھڪ زال ڏٺي جا اُنھن تي بادشاھي ٿي ڪري ۽ کيس سڀڪا نعمت ڏني ويئي آھي ۽ اُن کي ھڪ وڏو تخت (به) آھي.
24
کيس ۽ سندس قوم کي الله کان سواءِ سج جي پوڄا ڪندو ڏٺم ۽ شيطان انھن لاءِ سندن ڪرتوت سينگاريا آھن ۽ کين (الله جي) واٽ کان جھليو اٿس تنھنڪري اُھي ھدايت نٿا لھن.
25
(اُھي) اُنھيءَ الله کي سجدو ڇو نه ٿا ڪن جو آسمانن ۽ زمين جون ڳجھيون شيون پڌريون ڪندو آھي؟ ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھيو سو (به) ڄاڻندو آھي.
26
الله (اُھو آھي جو) اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي (اُھو) وڏي عرش جو پالڻھار آھي.
27
(سليمان) چيو ته ڏسنداسين ته سچ چيو اٿيئي يا ڪوڙن مان آھين.
28
ھيءُ منھنجو خط کڻي وڃ پوءِ اُھو اُنھن ڏانھن اُڇل وري کانئن منھن ڦيراءِ پوءِ ڏس ته ڇا ٿا ورندي ڏين؟
29
(بلقيس خط ڏسي) چيو ته اي سردارؤ مون ڏانھن سڳورو خط اڇليو ويو آھي.
30
بيشڪ اُھو (خط) سليمان وٽان (آيل) آھي ۽ بيشڪ اُھو الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع) آھي.
Sonraki 30 ayet →