Ana SayfaMealler › Amroti
A

Amroti

Amroti
Amroti meali ile okumaya başla
Yunus 1 / 109
1
الٓرٰ، ھيءُ آيتون حِڪمت واري ڪتاب جون آھن.
Amroti 10:1
2
ماڻھن کي (ھيءَ ڳالھ) عجب ۾ وجھندي آھي ڇا ته منجھائن ھڪ مڙس ڏانھن وحي موڪليوسون ته ماڻھن کي ڊيڄار ۽ جن ايمان آندو تن کي خوشخبري ڏي ته انھن لاءِ سندن پالڻھار وٽ وڏومرتبو آھي، ڪافرن چيو ته ھي پڌرو جادوگر آھي.
Amroti 10:2
3
بيشڪ اوھان جو پالڻھار اُھو الله آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو (۽) وري عرش ڏانھن توجّه ڪيائين اھوئي ڪمن کي رِٿيندو آھي، ڪوئي سفارش ڪندڙ نه آھي پر سندس اجازت کانپوءِ، اھوئي اوھان جو پالڻھار الله آھي تنھنڪري سندس عبادت ڪريو، پوءِ ڇونه نصيحت وٺندا آھيو؟
Amroti 10:3
4
اوھان مڙني جو ڏانھس موٽڻ آھي، الله جو انجام سچو آھي، اھوئي پھريون (به) بڻائيندو آھي وري (به) کين ھن لاءِ موٽائي بڻائيندو ته جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي انصاف سان بدلو ڏئي، ۽ جن نه مڃيو تن لاءِ ٽھڪندڙ پاڻي ۽ ڏکوئيندڙ عذاب انھيءَ ڪري آھي جو ڪُفر ڪيو ھئائون.
Amroti 10:4
5
اُھو (الله) آھي جنھن سج کي چمڪندڙ ۽ چنڊ کي روشن ڪيو ۽ اُن (چنڊ) جون منزلون ھن لاءِ مَقرّر ڪيون ته اوھين ورھن جو ڳاڻيٽو ۽ حساب ڄاڻو، الله اِھو سچ کانسواءِ نه بڻايو آھي، ڄاڻندڙ قوم لاءِ کولي نشانيون بيان ڪندو آھي.
Amroti 10:5
6
بيشڪ رات ۽ ڏينھن جي ڦيرگھير (۾) ۽ الله جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ بڻايو تنھن ۾ پرھيزگار قوم لاءِ ضرور نشانيون آھن.
Amroti 10:6
7
بيشڪ جيڪي اسان جي ملڻ جو آسرو نه ٿا رکن ۽ دنيا جي حياتيءَ ساڻ ريجھي ويا ۽ اُنھيءَ سان آرامي ٿي رھيا ۽ اُھي جيڪي اسان جي آيتن کان بيخبر رھيا.
Amroti 10:7
8
اھي جيڪي ڪمائيندا رھيا تنھن سببان انھن جو مڪان باھ آھي.
Amroti 10:8
9
(۽) جن مڃيو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سندن پالڻھار سندن ايمان سببان (اھڙن بھشتن ڏانھن) سڌو رستو ڏيکاريندو، جن جي ھيٺان نعمتن وارن باغن ۾ واھيون وھنديون آھن.
Amroti 10:9
10
منجھن سندين دُعا (ھيءَ) آھي ته اي الله توکي پاڪائي جڳائي ۽ منجھن سندن آڌرڀاءُ سلام آھي، سندين پوئين دُعا ھيءَ آھي ته سڀ ساراھ جھانن جي پالڻھار الله کي جُڳائي.
Amroti 10:10
11
۽ جيڪڏھن الله ماڻھن لاءِ مدائي جلد موڪلي ھا جھڙو اُھي پنھنجي چڱائي جلد گھرندا آھن ته سندين (ٺھرايل) مدت انھن لاءِ پوري ڪئي وڃي ھا، پوءِ جيڪي اسان جي ملڻ جي اميد نه رکندا آھن تن کي سندن گمراھيءَ ۾ حيران ڇڏيندا آھيون.
Amroti 10:11
12
۽ جنھن مھل ماڻھوءَ کي ڪو ڏُک پھچندو آھي (ته) پنھنجي پاسي ڀر ويٺي يا بيٺي اسان کي سڏيندو آھي، پوءِ جنھن مھل کانئس سندس ڏک لاھيندا آھيون (ته اُن وقت اھڙي ويساري ۾ پئجي) ھليو ويندو آھي (جو) ڄڻڪ کيس جا اوکائي پُھتي ھئي تنھن (جي لاھڻ) لاءِ اسان کي سڏيو ئي نه ھوائين، اھڙي طرح حد کان لنگھندڙ جيڪي ڪندا آھن سو اُنھن لاءِ سينگاريو ويو آھي.
Amroti 10:12
13
۽ بيشڪ اوھان کان اڳ (گھڻن) جُڳن وارن جڏھن ظلم ڪيو ته (کين) ھلاڪ ڪيو اٿون ۽ وٽن سندن پيغمبر چِٽن معجزن سان آيا ۽ اھڙا نه ھوا جو ايمان آڻين، اھڙي طرح ڏوھارڻ قوم کي سزا ڏيندا آھيون.
Amroti 10:13
14
وري کائن پوءِ مُلڪ ۾ اوھان کي سندين جاڳھن تي وھاريوسون ته اوھين ڪھڙي طرح ڪم ڪريو ٿا.
Amroti 10:14
15
۽ جڏھن اسان جون چٽيون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون آھن (ته) جيڪي اسان جي ملڻ جي اُميد نه رکندا آھن سي چوندا آھن ته ھن کانسواءِ ٻيو قرآن آڻ يا کيس مٽاءِ، چؤ ته پنھنجي طرفان ان جي مٽائڻ جو مون کي اختيار ڪونھي، جيڪي مونکي وحي ڪيو ويندو آھي تنھن کانسواءِ (ٻئي ڪنھن جي) تابعداري نه ڪندو آھيان، بيشڪ آءٌ جيڪڏھن پنھنجي پالڻھار جي نافرماني ڪريان ته وڏي ڏينھن جي عذاب کان ڊڄان ٿو.
Amroti 10:15
16
چؤ ته جيڪڏھن الله گھري ھا ته آءٌ اُن (قرآن) کي اوھان تي نه پڙھان ھا ۽ نڪي (الله) اُن سان اوھان کي ڄاڻي ھا، بيشڪ آءٌ اوھان ۾ ھن کان اڳ (سڄي) ڄمار رھيس (ته نه پڙھيم)، پوءِ ڇونه ٿا سمجھو؟
Amroti 10:16
17
پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جو الله تي ڪُوڙو ٺاھ ٺاھي يا سندس آيتن کي ڪوڙ ڄاڻي، سچ آھي ته ڏوھاري نه ڇُٽندا.
Amroti 10:17
18
۽ الله کانسواءِ جن کي پوڄيندا آھن سي نڪي کين ڏک پھچائيندا آھن ۽ نڪي کين سُک پھچائيندا آھن ۽ چوندا آھن ته ھي الله وٽ اسان جا شفاعت ڪندڙ آھن، چؤ ته اوھين الله کي اھڙيءَ شيءَ بابت چتائيندا آھيو ڇا جيڪا شيء (ھو) نڪي آسمانن ۾ ۽ نڪي زمين ۾ ڄاڻندو آھي، اُھو پاڪ آھي ۽ جنھن شيء کي ساڻس شريڪ ڪندا آھيو تنھن کان اُھو مٿاھون آھي.
Amroti 10:18
19
۽ (اصل) ماڻھو ھڪ ٽوليءَ کانسواءِ نه ھوا پوءِ اختلاف ڪيائون، ۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار جو حُڪم اڳ ٿيل نه ھجي ھا ته جنھن (ڳالھ) بابت اختلاف ڪن ٿا تنھنجو سندن وچ ۾ فيصلو پورو ڪيو وڃي ھا.
Amroti 10:19
20
۽ چوندا آھن ته سندن پالڻھار کان مٿس ڪو مُعجزو ڇونه لاٿو ويو آھي؟ چؤ ته ڳُجھ (جي خبر) الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي نه آھي پوءِ انتظار ڪريو، آءٌ به اوھان سان گڏ انتظار ڪندڙ آھيان.
Amroti 10:20
21
۽ جڏھن ماڻھن کي اوکائي پھچڻ کانپوءِ (پنھنجي) ٻاجھ (سان سُک جو مزو) چکائيندا آھيون (ته) اُتي جو اُتي اُنھن کي اسانجي آيتن ۾ بدگمانيون ٿينديون آھن، چؤ ته الله رِٿ رٿڻ ۾ ڏاڍو تڪڙو آھي، بيشڪ جيڪي اوھين بڇڙيون رٿون ڪندا آھيو سي اسانجا ملائڪ لکندا آھن.
Amroti 10:21
22
اُھو (الله) آھي جو اوھان کي بر ۽ دريائن ۾ گھمائيندو آھي، ايتري تائين جو جڏھن ٻيڙين ۾ ھوندا آھيو، ۽ (اُھي) پاتڻين سميت سڻائن وائن سان ھلنديون آھن ۽ اُنھن سان سرھا ٿيندا آھن ته اوچتو کين اڻائو واءُ پھچندو آھي ۽ کين چوڌاري لھر ايندي آھي ۽ ڀائيندا آھن ته بيشڪ (اُھا) کين ويڙھي ويئي (ته) الله جي عبادت ۾ سچائيءَ وارا ٿي کيس سڏيندا آھن، (۽ چوندا آھن) ته جيڪڏھن ھن (اوکائي) کان اسان کي بچائين ته ضرور شڪراني ڪندڙن مان ٿينداسون.
Amroti 10:22
23
پوءِ جنھن مھل کين ڇڏايائين (ته) اُتي جو اُتي مُلڪ ۾ ناحق شرارت ڪندا آھن، اي ماڻھؤ اوھان جو شرارتون اوھان تي ئي آھن (ھيءُ) دُنيا جي حياتي جو فائدو (لڌو) وري اوھان جو موٽڻ اسان ڏانھن آھي پوءِ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي اوھان کي سُڌ ڏينداسون.
Amroti 10:23
24
دُنيا جي حياتي جو مثال رڳو انھي پاڻي وانگر آھي جنھن کي آسمان کان وسايوسون پوءِ ساڻس زمين جا (اُھي) اوڀڙ رليا مليا جن مان ماڻھو ۽ ڍور کائيندا آھن، ايتري تائين جو جنھن مھل زمين پنھنجي ساوڪ ورتي ۽ سينگاري ۽ سندس رھڻ وارن ڀانيو ته پاڻ مٿس وسوارا آھن (تنھن مھل) اوچتو اُن کي رات جو يا ڏينھن جو اسانجو حُڪم پھتو پوءِ اُن کي لُڻيل (ناس) ڪري ڇڏيوسون ڄڻڪ ڪالھ ئي نه ھُئي، اھڙي طرح سمجھندڙ قوم لاءِ کولي نشانيون بيان ڪندا آھيون.
Amroti 10:24
25
۽ الله سلامتيءَ جي گھر ڏانھن سڏيندو آھي، ۽ جنھن کي وڻيس تنھن کي سڌي واٽ ڏانھن ھدايت ڪندو آھي.
Amroti 10:25
26
جن چڱائي ڪئي تن لاءِ (اَھڙي) چڱائي ۽ بلڪ وڌيڪ آھي، ۽ سندن منھن کي نڪي ڪارنھن ۽ نڪي خواري ويڙھيندي، اھي بھشتي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.
Amroti 10:26
27
۽ جن بڇڙائي ڪمائي تن لاءِ اُن جھڙي بڇڙائي ۽ کين خواري ڍڪيندي، اُنھن کي الله (جي عذاب) کان ڪو بچائيندڙ نه آھي، ڄڻڪ سندن مُنھن کي اونداھي رات مان ذرو ڍڪايو ويو آھي، اھي دوزخي آھن، منجھس سدائين رھن وارا آھن.
Amroti 10:27
28
۽ جنھن ڏينھن انھن مڙني کي گڏ ڪنداسون وري مشرڪن کي چونداسون ته اوھين ۽ اوھان جا (الله سان ٺھرايل) شريڪ پنھنجي ھنڌ بيھو، پوءِ سندن وچ ۾ جدائي وجھنداسون ۽ سندن شريڪ چوندا ته (اوھين) اسان کي نه پوڄيندا ھيؤ.
Amroti 10:28
29
پوءِ اسان جي ۽ اوھان جي وچ ۾ الله شاھد بس آھي ته اسين اوھان جي پوڄا کان ضرور بي خبر ھواسون.
Amroti 10:29
30
اُن ھنڌ سڀ ڪنھن ماڻھو جيڪي اڳي موڪليو ھوندو سو (اُھو) لھندو ۽ پنھنجي سچي ڌڻي الله ڏانھن موٽايا ويندا ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيائون ٿي سو کائن ڀلجي ويندو.
Amroti 10:30